الطاف حسين

الطاف حسين

الطاف حسين 2

الطاف حسين: ”متحده قومي موومينٽ“ جو سربراهه الطاف حسين، 17 سيپٽمبر 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. هن جو والد اسٽيشن ماسٽر هو، جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ لڏي ڪراچيءَ آيو هو ۽ اچي هڪ ڪارخاني ۾ ڪلرڪ ٿيو. الطاف حسين جي والد، 13 مارچ 1967ع تي ۽ والده 5 ڊسمبر 1985ع تي وفات ڪئي. هن 1969ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. بعد ۾ سٽي ڪاليج ڪراچيءَ مان انٽر پاس ڪيائين. ان دوران مختلف هنڌن تي ڪئڊٽ طور به خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. 1974ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي- فارميسي ڪيائين.الطاف حسين عملي سياست جي شروعات شاگرد هئڻ دوران ئي ڪري ڇڏي هئي. 11 جون 1978ع تي آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (APMSO) جو بنياد رکيائين، ۽ اهائي تنظيم اڳتي هلي پھرين مهاجر قومي موومينٽ (M.Q.M) ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هينئر اها متحده قومي موومينٽ آهي. ايم ڪيو ايم جي قيام جو باقاعدي اعلان 18 مارچ 1984ع تي ڪيائين. 1986ع ۾ ڪراچيءَ ۾ نسلي فسادن کانپوءِ ايم. ڪيو. ايم هڪ وڏي ۽ منظم سياسي پارٽيءَ جي حيثيت سان اڀري آئي. آهستي آهستي ايم. ڪيو. ايم سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏي سياسي پارٽي بنجي وئي. 1992ع ۾ الطاف حسين ۽ سندس ڪجهه ساٿين جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا، جنھن کان پوءِ 1992ع واري فوجي آپريشن وقت هو لنڊن هليو ويو، ۽ اتي پنھنجي پارٽيءَ لاءِ انٽرنئشنل سيڪريٽريٽ قائم ڪيائين. هن وقت تائين هو لنڊن ۾ رهيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.09.17  عيسوي

”متحده قومي موومينٽ“ جو سربراهه الطاف حسين، 17 سيپٽمبر 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

هرچندراءِ سوٽهڙ ڊاڪٽر
حسن وساڻ
روشن جي
بشير احمد هيسباڻي
بابا حاجي ميرمحمد
حڪيم محمد مراد چنا
دهلوي شاهه غلام محمد
بشير احمد انصاري ڊاڪٽر
ثاقبه رحيم الدين
مير فتح علي خان ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون